سرينگر-03 آگسٽ (اي پي پي)ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ذريعي ماڻهن تي زور ڀريو ويو آهي، ته هو 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير ڪاري ڏهاڙي طور ملهائن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نريندر مودي جي قيادت هيٺ بي جي پي جي هندو پرست ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي آئي?? جي 370 ۽ 35 اي شقن کي رد ڪري ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪ??ي ڇڏي هئي. ان غير قانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائي خلاف ڪشميري?? جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ سڄي والاريل علائقي جو فوجي گهي??اء?? ڪيو ويو هو ۽ ڪشمير وادي، ڄمون ۽ لداخ ۾ 500 ڏينهن کان وڌيڪ وقت تائين انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروسز معطل ڪيون ويون هيون. پوسٽرن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه ا??درابي ۽ نعيم احمد خان جون تصويرون موجود آهن. پوسٽرن ۾ لکيل آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس وٺڻ، گڏيل قوم?? جي ٺهرائن مطابق ڪشمير تڪرار جي حل، سمورن سياسي نظربند?? جي آزادي ۽ ڀارتي فوجين طرفان والاريل علائقي ۾ جاري انساني حق?? جي ڀڃڪڙي?? جي خاتمي جو مطالبو ڪ??ي رهيو آهي. پوسٽر سماجي رابط?? جي سائٽن ٽوئٽر، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ وغيره تي پڻ اپلوڊ ڪيا ويا آهن.