اسلام آباد – 26 – جولائي (اي پي پي) وفاقي حڪومت انفارمي??ن گروپ جي گريڊ 21 هين سينيئر آفيسر عنبرين جان کي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پا??ان جاري نوٽيفڪيشن موجب اطلاعات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان کي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. عنبرين جان جي مقرري سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع جي شق 10 تحت ٿي جيڪا ٻئي حڪم تائين فوري طو?? تي لاڳو هوندي.