اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي چي?? آهي، ته پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيان ٿو، آئون پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ چونڊيل صدر ڊاڪٽر پزشڪيان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. هن چي?? ته پاڙيسري م??ڪ جي حيثيت سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ويجها ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، اسان کي گڏيل فائديمن?? لاڳاپن ذريعي پنهنجي ٻنهي م??ڪن جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ گهرجي.