اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي سالن کان ناقص ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪرپشن کي ??وري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي خرچن ۽ حڪومتي ڍانچي جو ڪاٿو گه?? ڪرڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي بطور ادارو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙا ج??ري ترقياتي منصوبا جن جو ڪم پاڪ پي ڊبليو ڊي جي حوالي ڪيو ويو آهي، انهن جي لاءِ متبادل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. حڪومتي خرچ گه?? ڪرڻ جي حوالي سان ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان جي صدارت ۾ ٺاهيل ڪميٽي پنهنجي رپورٽ جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ڪميٽي ڪجهه سرڪ??ري ادارن کي ختم ۽ ڪجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. وزيراعظم ڪميٽي کي ??ڌيڪ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي و??ري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن و??ري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي سياسي معاملن و??ري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري مملڪتي وزير، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪ??ري آفيسرن شرڪت ڪئي.