اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جي دوري پاڪستان ڌرين کي ٻط??فن لاڳاپن جي صورتحال جو جامع جائزو وٺڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جو ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چ??و ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جي دوري دوران ٻنهي ڌرين ٻط??في اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ دفاع، تعليم، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ علائقائي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چ??و ته ڳالهه ٻولهه ۾ پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ، ثقافتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عوام سان عوام جنهن ۾ شاگرد، تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ويو. هن چ??و ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حم?? اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير بيراموف گهڻ رخي فورمز تي ٻط??في تعاون ۽ غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گ??لاني ۽ وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??حم?? اسحاق ڊار سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.