اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ ڇوڪرين جي ??اءِ قائم نجي اسڪول تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قوم جي ڌيئرن جي تعليم ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي ??وري نشاندهي ۽ سزا يقيني بڻائڻ جي ??دايت ڪئي آهي. وزيراعظم حملي ۾ اسڪول جي تباهه ٿيل حصي کي فوري طور ت سرڪاري خرچ تي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي ڇوڪرين جي تعليم کي روڪڻ جي ??اپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ ن?? ڏينداسين، قوم جي ڌيئرن جي تعليم ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان باصلاحيت ڌيئرن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ انهن کي ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجي ڀرپور سگهه سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون.