اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، ڪلائميٽ، سياحت ۽ مائيگريشن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. پرڏيه?? آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سوئٽزرلينڊ جي سفير جارج سٽينر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ سوئس ڪمپنين کي ساراهيو ۽ وڌيڪ سوئس ڪمپنين کي پاڪستان ۾ خا طور تي قابل تجديد توانائي ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. اسحاق ڊار ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل سال ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ تي مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) جو حوالو ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهو ڌرين جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏيندو جنهن سان اهي مستقبل ۾ قدرت?? آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ مهارت کي استعمال ۾ آڻي سگهندا. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال ۽ گهڻ رخي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير گهڻ رخي معاملن ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ڪردار سان گڏوگڏ انساني همدرديءَ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ملڪ جي تعاون کي پڻ سارا??يو. واضح رهي ته سوئيٽزرلينڊ جي پرڏيهي و??ير گذريل سال جولاءِ ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان سال جنوري ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت ٿي هئي.