اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) شهيدن جي وارثن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته شرپسندن جي اڳيان ڪنهن به صورت ۾ نه جهُڪنداسين، اسان کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، ان کي سياس?? جي ور چاڙهڻ نه گهرجي، 9 مئي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪا قوم ب?? برداشت نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن اطلاعات واري وزار?? جي اهتمام هيٺ شهيدن ۽ انهن جي خاندانن سان يڪجهتي جي اظهار جي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، ??فاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڳالهائيندي ميجر منيب افضل شهيد جي والد مير افضل خٽڪ چيو ته منهنجي پٽ سميت سمورن شهيدن ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ دفاع جو جذبو موجود هوندو آهي، منهنجي پٽ فرض تي ٺاهه نه ڪيو، جيڪي ماڻهو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ جان قربان ڪن انهن کي مردهه ناهي چئبو، جنهن راهه ۾ اسان جا پٽ شهيد ٿيا آهن اسان کي ان تي فخر آهي، اسان جي شهيدن اسان جو ڳاٽ بلند ڪري ڇڏيو آهي، نوجوانن جا جذبا جوان آهن، ڪو به دشمن ميري اک سان پاڪستان طرف نه ٿو ڏسي سگهي. آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي چيو ته شهيدن جي وارثن کي سلام پيش ڪريون ٿا، 9 مئي 2023ع جو ڏينهن وساري نه ٿا سگهون، ڪجهه شرپسند عنصر هڪ پوليس آفيسر جي اک کسي وٺندا ته ڇا پوليس جو جذبو ڪمزور ٿي ويندو، 9 مئي تي مون کي شهادت به قبول هئي پر منهنجو نالو غازين ۾ شامل ٿيو، پوليس آفيسر ۽ اهلڪار شهاد?? جي جذبي سان سرشار آهن. هن چيو ته شرپسندن ماڻهن جي ملڪيتن ۽ حساس ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو، قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن آئين ۽ قا??ون تي عمل ڪيو، شرپسندن جي اڳيان ڪنهن به صورت ۾ نه جهُڪنداسين، 9 مئي جي شرپسندن جا ڪنڌ هيٺ آهن ۽ اسان جا ڪنڌ فخر سان بلند آهن، شرپسندن ۽ دهشتگردن کي معلوم هجڻ گهرجي ته اسان شهاد?? جي جذبي سان سرشار آهيون. ڪرنل سهيل عابد شهيد جي بيواهه چيو ته اسان کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، ان کي سياس?? جي ور نه چاڙهڻ گهرجي. ميجر اڪبر اعواڻ شهيد جي بيواهه چيو ته ميجر اڪبر اعواڻ پنهنجي رت جو آخري ڦڙو به هن ملڪ ۽ قوم تي نڇاور ڪري ڇڏيو، پاڪ فوج اسان کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو. ڪيپٽن ڪاشف شهيد جي والده چيو ته ??ٽ جي شهادت تي فخر آهي، منهنجي پٽ مل?? جي لاءِ جان قربان ڪئي، 9 مئي جي واقعن اسان کي ڏک ڏنو، 9 مئي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪا قوم ب?? برداشت نه ٿي ڪري سگهي. شهيد جي پٽ شيراز اُپل چيو ته گذريل سال 9 مئي جي واقعن سان دلي تڪليف ٿي، مل?? جي لاءِ جان قربان ڪندڙن جو قدر ڪرڻ گهرجي. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ پاڻ نغمو به پيش ڪيو.