اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي وفد جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، اسان کي ??هڙ?? طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پاڪستان ۾ آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آهي، مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن اسان ??هڙ?? طرح محنت ڪندا رهون ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاسي استحڪام جو هدف جلد حاصل ڪري وٺنداسين. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??هڙ?? خيالن جو اظهار وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ڪا??ين?? جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪا??ين?? کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ رمضان المبارڪ جي برڪتن جي طفيل پاڪستان جي لا??ِ ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورائتا آهيون جو منهنجي تازي دوري کانپوءِ سندس خصوصي دلچسپي تحت سعودي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو. وزيرا??ظم وفاقي ڪا??ين?? ۽ لاڳاپيل عملدارن جي سعودي وفد جي ڪامياب دوري جي لا??ِ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي وفد پاڪستاني وزيرن ۽ عملدارين جي تياري کان متاثر ٿيو ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آلسعود ان جو واضح اظهار ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته سعودي وفد جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته اسان کي ??هڙ?? طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پاڪستان آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آهي. ان حوالي سان نه ته پراڻي طريقيڪار تي هلڻ جي گنجائش آهي ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏيندس. وزيرا??ظم چيو ته اسان پنهنجي عوام سان ڪيل وچن موجب پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين ?? مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن اسان ??هڙ?? طرح محنت ڪندا رهياسين ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو هدف جلد حاصل ڪري وٺنداسين.