اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن، منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرپرسن سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کي ڏنل ٽاسڪ جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت، منشيات جي خاتمي واري وزارت، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي معاملن، ملڪي سيڪيورٽي ۽ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف ک?? ا??ف آءِ اي ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جي ت??ويز ڪيل سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ پلان تي پڻ بري??نگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي چوري جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃ?? ۽ ??نهن به قسم جي ڪا نرمي نه ڪئي وڃي.