اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ا??حاق ڊار کي عهدو سنڀالڻ تي مختلف ملڪن جي هم منصبن پاران مبارڪباد جا پيغام مليا آهن. چيڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي اسحاق ڊار کي پاڪستان جو پرڏيهي وزير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته چيڪ ريپبلڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگهي عرصي ک??ن دوستاڻا ۽ تعميري لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي پرڏيهي وزير موسي ضمير پڻ پرڏيهي وزير ا??حاق ڊار کي مبارڪباد ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. يوڪرين جي پرڏيهي وزير ديميٽرو ڪوليبا اسحاق ڊار کي پاڪستان جي 39 هين پرڏيهي وزير طور مقرري تي مبارڪباد ڏيندي کيس انتهائي ذميواراڻي مشن ۾ ڪاميابي جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چ??و ته آئون يوڪرين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي ۽ عالمي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو منتظر آهيان. پرڏيهي وزير ا??حاق ڊار پنهنجي پوسٽ ۾ چيڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي جي مبارڪباد جي پيغام جا ٿورا مڃيا. هن چ??و ته آئون گڏيل فائدي جي ل??ءِ پاڪستان ۽ چيڪ ريپبلڪ جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو منتظر آهيان.