اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پ??ڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام سومر ڏينهن 5 فيبروري تي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ان ڏينهن تي پ??ڪس??اني ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري، ڪشميري عوام سان انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي ??دو??هد ۾ يڪجهتي ج?? ورجاءُ ڪن ٿا. هن چيو ته ماضي وانگر ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي کي روايتي ج??ش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي لاءِ هڪ وسيع پروگرام جوڙيو ويو آهي. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.