اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سينيئر صحافي ۽ پي ايف يو جي (ورڪرز) جي صدر پرويز رشيد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرح??م جي پونئيرن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دل?? افسوس ٿيو، پرويز شوڪت هڪ باصلاحيت ۽ محنتي صحافي هو، هن پنهنجي پوري زندگي صحافتي پيشي ۽ صحافين ??ي حقن جي لاءِ وقف ڪئي. هن چيو ته مرح??م جي صحافت جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.