اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل پريس بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته نگران پ??ڏي??ي جليل عباس جيلاني پنهنجي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سفارتي تاريخ ۾ تيزي سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ نگران پ??ڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني ڏانهن وڃي ٿو، نگران پ??ڏي??ي وزير وڏي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ ايران جي پ??ڏي??ي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان پ??ڏي??ي معاملن واري وزارت جي پريس ريليز پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي 26 جنوري 2024ع تائين پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپسي تي اتفاق ٿيو آهي. بيان موجب نگران پ??ڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني جي دعوت تي ايران جو پ??ڏي??ي وزير حسين امير عبداللهيان 29 جنوري 2024ع تي پاڪستان جو دورو ڪندو.