واشنگٽن- 30 جنوري (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، نيويارڪ ۾ منعقد ٽريول اينڊ ايڊوينچر شو 2024ع دوران پاڪستان ۾ قدرتي حسن، ثقافت ۽ تاريخ رکندڙ پاڪستان پويلين ۾ عالمي برادري کي متاثر ڪيو آهي، ان سان نه رڳو صرف سياحت جي صنعت پر ملڪ جو بهترين ??ميج اجا??ر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير راجا ناصر علي خان سان واشگنٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ملاقات دوران ڪيو. پاڪستاني سفير گلگت بلتستان جي رٿابندي واري وزير کي ڪامياب شو منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏن??ون جيڪو ملڪي سياحت جي صلاحيت کي وڌيڪ اجا??ر ڪندو. گلگت بلتستان جي رٿابندي واري وزير ملڪي سياحتي صلاحيت کي عالمي پليٽ فارم تي ڪامياب?? سان اجا??ر ڪرڻ جي حوال?? سان نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصليٽ ۽ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ڀرپور تعاون تي ٿورو مڃيو. هن پاڪستان جي سياحت ۾ آمريڪي شهرين ??ي دلچسپي تي ڳالهائيندي چيو ته گلگت بلتستان ايندڙ پرڏيهي سياحن ۾ آمريڪي شهري ٻئي نمبر تي آهن، پاڪستاني سفير گلگت بلتستان ۾ تعليم جي شعبي لاءِ عالمي تعاون خاص طور تي ڊائينامڪ آرٿر جي ڪردار ۽ خدمتن کي اجا??ر ڪيو جنهن گلگت بلتستان جي وادي هنزه جي ڳوٺ مرتضيٰ آباد ۾ سينٽر فار ايجوڪيشن ايڪسيلينس جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستاني سفير تعليم جي شعبي ۾ آمريڪي حڪومت، سول سوسائٽي، سرندي وارن ماڻهن ۽ پاڪستاني ڄاون آمريڪي شهرين ??ي حمايت ک?? ساراهيندي چيو ته تعليم جي شعبي ۾ تعاون پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو اهم حصو آهي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت نوجوانن کي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ، کين پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي معاشري جو هڪ قيمتي اثاثو بڻائڻ جي حوال?? سان آمريڪي تعاون ک?? ساراهي ٿي.