اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي ن??مز?? سفير کي چين سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ پاڪستان ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جو اهم ذريعو آهي، گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، سي پيڪ سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چين جي لاءِ پاڪستان جي ن??مز?? سفير خليل الرحمان هاشمي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهه ٻول??ه ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ چين جا ٻ??رفا لاڳاپا منفرد اهميت رکندڙ آهن، چين پاڪستان جو ڀائر، مستقبل اسٽريٽجڪ تعاون پارٽنر آهي. هن چيو ته سي پيڪ ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇائڻ، اسٽريٽجڪ اهميت جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، چين سان ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا مضبوط دوستي جي لاءِ اهم آهي. صدر ن??مز?? سفير کي چين سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ئي. صدر ن??مز?? سفير کي چين ۾ بطور پاڪستاني سفير مقرر تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته چين سان اسٽريٽجڪ حصيداري وڌيڪ بهتر ٿيندي.