ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پ??رلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير م??تض??ٰ سولنگي پي ٽي وي بولان تي ”هزارگي“ زبان ۾ نشريات شروع ٿيڻ تي هزاره برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان جو ??قصد ۽ هدف پي ٽي وي تي علائقائي زبانن جي برابر نمائندگي کي يقيني بڻائڻ آهي، پي ٽي وي بولان تي هزارگي زبان جي نشريات هزاره برادري جو ??راڻو مطالبو هو جيڪو اڄ پورو ٿي ويو آهي، پي ٽي وي بولان جي نشريات هاڻي عام انٽينا جي ذريعي ڏورانهن علائقن تائين ڏسي سگهبي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي بولان تي هزارگي زبان جي پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ پ??رلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير م??تض??ٰ سولنگي چيو ته پي ٽي وي بولان اڳ ۾ ئي بلوچي، پشتو ۽ براهوي زبانن ۾ پنهنجي نشريات پيش ڪري رهيو آهي جڏهن ته اڄ هزاره برادري جي پراڻي مطالبي تي به هزارگي زبان ۾ به نشريات شروع ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي وي بولان جي نشريات ڪيبل ۽ سيٽلائيٽ تي اڳ کان موجود هئي، اها نشريات عام انٽينا جي ذريعي به ڏسي سگهبي جنهن سان ڏورانهن علائقن جا ماڻهو فائدو کڻي سگهندا جيڪي سولر ۽ انٽينا جي ذريعي پي ٽي وي بولان جي نشريات ڏسي سگهندا. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورائتا آهيون جو ??ن اسان جي ان قدم جي حوصلا افزائي ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان هلندڙ مهيني پي ٽي وي ملتان جي نشريات جو ??قت وڌائي 24 ڪلاڪ ڪيو. هن چيو ته اسان ري براڊ ڪاسٽ ??ينٽرز جي ٽرانسميشنز جي انگ ۾ به اضافو ڪيو آهي، اڳ ۾ 22 ري براڊ ڪاسٽ ??ينٽرز ڪم ڪري رهيا هئا، هاڻي ڪان ميترزئي ۾ وڌيڪ هڪ ري براڊ ڪاسٽ ??ينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن سان انهن جو انگ 23 ٿي ويو آهي. هن چيو ته اهي ري براڊ ڪاسٽ ??ينٽرز ماڻهن تائين پي ٽي وي جي نشريات پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جو ??قصد پي ٽي وي بولان تي علائقائي زبانن جي برابر نمائندگي يقيني بڻائڻ آهي.