مظفر آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سمورن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي ??يو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حيثيت عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي منصوبن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو روڊ جي ذريعي رابطو انتهائي ضروري آهي جنهن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??اب??نا جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ۽ ??اب??نا ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي توسيع کانپوءِ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ۽ ??اب??نا پاران نگران وزيراعظم جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ گذريل ڏينهن جي تقريب جي زبردست پذيرائي ڪئي وئي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي مخاطب ڪندي ??يو ته توهان ٻنهي طرفن جي ڪشميرين جا دل کٽي ورتا ۽ انهن جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي. هن ??يو ته نگران وزيراعظم جي تقرير کي ڪشميري عوام، اوورسيز ڪشميري??، ڪشميري اڪيڊميا، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا پاران ڀرپور طريقي سان ساراهيو ويو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??اب??نا ميمبرن جو چوڻ هو ته نگران وزيراعظم جي دليراڻي موقف ڪشميرين ۾ اميد جو نئون ڪرڻو پيدا ڪيو آهي. ??اب??نا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو ته آئون آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پاڪستان رياست جو موقف ورجائڻ آيو آهيان ته پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. هن ??يو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت عالمي سطح تي مڃيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي حربن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي. نگران وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪسمير جي سمورن مسئلن خاص طور تي مالي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن ??يو ته شونٽر ٽنل، مري – مظفرآباد ايڪسپريس وي، مانسهره – مظفرآباد – منگلا، ميرپور ايڪسپريس وي جي تعمير جي حوالي سان وف??قي حڪومت هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪندي. هن وڌيڪ ??يو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو رستي ذريعي رابطو انتهائي ضروري آهي جنهن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته پاڪستان حڪومت جي سمورين وزارتن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڪمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرايو ويندو. نگران وزيراعظم ??يو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي.