اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪرڪ??ٽ بورڊ مئنيجمينٽ جي چونڊون بهتر طريقي سان ڪرائڻ، رانديگرن کي سٺي ڪوچنگ سان گڏوگڏ بهترين تربيت، پاڪستان سپر ليگ جون مئچز سڄي ملڪ ۾ منعقد ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهڻ، موجوده ڪرڪيٽ اسٽيڊيمز جي ج??يد رخن تي بحالي جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۾ 4 ڪرڪيٽ گرائونڊز پاڪستان ڪرڪ??ٽ بورڊ جي سرپرستي ۾ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پاڪستان ڪرڪ??ٽ بورڊ جي معاملن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد، پاڪستان ڪرڪ??ٽ بورڊ جي چيئرمين محمد ذڪاءَ اشرف، پاڪستان ڪرڪ??ٽ بورڊ جي چيف آپريٽنگ آفيسر سلمان نصير، چيف سليڪٽر وهاب رياض ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پي سي بي ج?? عهديدار محمد حفيظ، عمر گل ۽ سعيد اجمل وڊيو لنڪ ذريعي آسٽريليا مان اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ جي راند پوري قوم کي متحد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي جنهن سان قومي ج??بو اڀري ٿو. هن چيو ته رڳو ٽيم ورڪ سان ئي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم متحد ٿي هر ميدان ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي ٿي. نگران وزيراعظم تاڪيد ڪندي چيو ته پي سي بي ۾ ٽرينرز، سپورٽ اسٽاف ۽ ٻين عهديدارن جي مقرري ڪندي ملڪي مفاد ۽ وقار جو خيال رک??و وڃي. هن هدايت ڪئي ته رانديگرن کي سٺي ڪوچنگ سان گڏوگڏ بهترين تربيت پڻ ڏني وڃي ته جيئن اهي هر سطح تي ملڪ ۽ قوم جي بهتر نمائندگي ڪري سگهن. وڌيڪ اهو ته نگران وزيراعظم ڪرڪ??ٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جون چونڊون بهتر طريقي سان ڪرائڻ جي پ?? هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ پڻ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اندرون سنڌ، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير وغيره ۾ ڪرڪيٽ جو تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي جنهن کي قومي سطح تي نمائندگي جو موقعو ڏيڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪوئيٽا جي بگٽي اسٽيديم ۽ پشاور جي ارباب نياز اسٽيڊيم جي بحالي جو ڪم فوري طور تي شروع ڪ??و وڃي ته جيئن هتي قومي ۽ عالمي ڪرڪيٽ مئچز منعقد ڪري سگهجن. هن چيو ته گوادر جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۽ گلگت بلتستان جي علائقي نگر ۾ موجود پسن کي ڪرڪيٽ مئچون منعقد ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. نگران وزيراعظم ڪرڪ??ٽ بورڊ کي ضلعي نگر جي پسن اسٽيڊيم جي فوري سروي ڪرائڻ جي پ?? هدايت ڪئي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته موجوده ڪرڪيٽ اسٽيڊيمز جي ج??يد رخن تي بحالي جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪ??و وڃي. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته جديد سهولتن سان ليس نئين ڪرڪيٽ اسٽيڊيمز ۽ انهن سان گڏ عالمي معيار جي هوٽلز ۽ شاپنگ ايرياز قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ته جيئن سياحت کي پڻ فروغ ڏئي سگهجي. نگران وزيراعظم ڪرڪيٽ جي ترقي جي لاءِ اسلام آباد ۾ 4 ڪرڪيٽ گرائونڊز کي سي ڊي اي کان وٺي پاڪستان ڪرڪ??ٽ بورڊ جي سرپرستي ۾ ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي. پاڪستان سپر ليگ جي حوالي سان نگران وزيراعظم ليگ جون مئچز سڄي ملڪ ۾ منعقد ڪرائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ دوست ملڪن سان هر ممڪن تعاون جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس کي پاڪستان ڪرڪ??ٽ بورڊ جي عملدارن پاران بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته پاڪستان سپر ليگ فيبروري 2024ع ۾ منعقد ٿيندي. ليگ جون مئچز ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ منعقد ٿينديون. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته پاڪستان ڪرڪيٽ چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪندو. بريفنگ ۾ ٻڌا??و ويو ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز جو انگ 6 مان وڌائي 16 ڪ??و ويو جنهن سان علائقائي ٽيلينٽ اجاگر ٿيندو. وڌيڪ اهو ته اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، گوجرانوالا، پشاور ۽ بهاولپور ۾ ڪرڪيٽ جي انفراسٽرڪچر جي تعمير تي ڪم ٿي رهيو آهي. قذافي اسٽيڊيم لاهور، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۽ ملتان اسٽيڊيم جي شمسي توانائي تي منتقلي تي ڪم ڪيو پ??و وڃي. اجلاس کي پاڪستان ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ کنيل قدمن بابت پڻ آگاهه ڪ??و ويو.