اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي پاران انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ ي??رپين يونين جي نمائندن جي اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ان دعويٰ ۾ ذري برابر به سچائي نه آهي پر اهو هڪ سينيئر سياستدان جو ذهني فتُور آهي. هن ميڊيا تي ??ور ڏنو ته هُو اهڙي طرح جي رپورٽس جاري ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل عملدارن کان تصديق ڪري وٺي.