اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اولهه ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن اسرائيل کي ??هو احساس ڏياري سگهجي ته غزه جنگ جا اثر خطي کان ٻاهر ٿي سگهن ٿا، ??سا?? کي مختلف اولهندي گادي وارن شهرن خاص طور تي واشنگٽن ۽ لنڊن سان رابطي جي ضرورت آهي ته جيئن اهي اسرائيل کي ??هو باور ڪرائين ته اسرائيل نه رڳو خطي کي غيرمستحڪم ڪري رهيو آهي پر شايد ان جو خطي کان ٻاهر به اثر پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب نيوز ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو ۾ ڪيو. نگران وزيراعظم کان سوال ڪيو ويو ته ڇا پاڪستان جي حڪومت کي آمريڪا پاران اسرائيل جي خلاف پنهنجي موقف ۾ لچڪ جي ڪ?? درخواست ملي آهي. ان جي جواب ۾ انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته مون کي اهڙي ڪنهن درخواست جي ڄاڻ نه آهي، اهڙي ڪ?? به درخواست منهنجي خيال ۾ غيرحقيقي آهي، ڪنهن کي اهڙن واقعن تي خاموش رهڻ جي درخواست ڪرڻ جو سوچڻ به کل جوڳو آهي. هن فوري طور تي ”تشدد جي خاتمي“ جو مطالبو ڪندي غزه تي اسرائيل جي حملي کي ”واضح طور تي نسل ڪشي“ قرار ڏنو. هن ٻڌايو ته هو هن هفتي جي آخر ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي هڪ غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ رياض ويندو جنهن ۾ فلسطين تي اسرائيل جي حملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم چيو ته ٻارن کي ماري ??هو نٿو چئي سگهجي ته ??هو پنهنجي دفاع جو حق آهي، ??هو وحشياڻي انتقامي ڪ??رروائي جو لائيسنس آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلمان عالمي آبادي جو 24 سيڪڙو آهن جڏهن ته هڪ ارب 80 ڪروڙ مسلمانن جو ڪردار سواليه نشان آهي. هن چيو ته ??سا?? کي ان پوري مسلمان آبادي کي ??هو سوچڻ جي ضرورت آهي ته عالمي سطح تي ??سا?? جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪهڙو تعاون آهي، اهي 50 کان وڌيڪ مسلمان ملڪ پنهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جون دفاعي صلاحيتون تيار ڪري رهيا آهن.