بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پ??لٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ سي پ?? سي جي ڊسپلين انسپيڪشن بابت مرڪزي ڪميشن جي سيڪريٽري لي شي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ، اقتصادي تعاون خاص طور تي سي پ??ڪ تي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪرڻ تي ات??اق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پ??لٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ سي پ?? سي جي ڊسيپلين انسپيڪشن بابت مرڪزي ڪميشن جي سيڪريٽري لي شي سان ڪالهه اربع ڏينهن بيجنگ ۾ ملاقات ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لي شي کي چين پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي شاندار انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس پولٽ بيورو اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ميمبر چونڊجڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اهم معاملن تي بنا مشروط تعاون تي ات??اق ڪيو. هن اقتصادي تعاون خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تعمير تي نئين جوش ۽ جذبي سان ڀرپور ڌيان ڏيڻ تي پڻ ات??اق ڪيو. ملاقات ۾ چين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ڪاٿي کي وڌائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. انهن شعبن ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، انفراسٽرڪچر ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان گڏوگڏ صنعتي تعاون ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي تعمير شامل آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ لي شي ڪرپشن جي خ??تم?? ۽ مالي نظم ۽ ضبط تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. نگران وزيراعظم لي شي کي پاڪستان حڪومت جي شفافيت ۽ حصيداري گورننس جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چين جي ان حوالي سان تجربن مان فائدو کڻڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو.