اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ملڪ ۾ تعليم جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ تعليم تائين ماڻهن جي پهچ وڌائڻي پوندي، آن لائين تعليم ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين تعليم پهچائڻ ۾ مدد ڏئي س??هي ٿي. صدر چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ مسجدن کي ??جر کان ظهر تائين استعمال ڪري س??هجي ٿو، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ نوان ۽ غيرروايتي حل سوچڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو جاري رکڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. خصوصي ماڻهن کي ??ين ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ۽ تربيت جي لاءِ خصوصي بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ملڪ ۾ معياري تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ف??وغ تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي ??نرمند بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته يونيو??سٽ??ون مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پنهنجي شاگردن کي ??نر سان ليس ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ يونيو??سٽ??ن ۾ داخلا وٺندڙن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم وارن ماڻهن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ گهرجن، يونيو??سٽ??ون آن لائين تعيلم ۽ مختلف شفٽن جي مدد سان وڌيڪ شاگردن کي اعليٰ تعليم فراهم ڪري س??هن ٿيون، يونيو??سٽ??ون 4 سالن جي ڊگري پروگرامز سان گڏوگڏ آن لائين تعليم ۽ 2 سالن جا ڊگري پروگرامز پڻ شروع ڪن. صدر چيو ته ورچوئل يونيو??سٽ?? ۽ علامه اقبال اوپن يونيو??سٽ?? جي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي پروگرامز جي مدد سان اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جو انگ وڌائي س??هجي ٿو. هن چيو ته يونيو??سٽ??ن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جديد ترين مهارتن سان ليس ڪرڻ لازمي آهي، يونيو??سٽ??ون مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، سائبر سيڪيورٽي ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جي شعبن تي خاص ڌيان ڏين. ملاقات دوران وفاقي اردو يونيو??سٽ?? سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.