اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ وفاقي وزير مريم اورنگزيب 14 سالن جي گهريلو ملازمه رض??انه تي تشدد جي شديد لفظن ۾ م??مت ڪندي چيو آهي ته زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ م??تلا رض??انه کي انصاف ڏيڻ بدران جوابدارن کي ضمانتون ملڻ افسوسناڪ ۽ فڪر جو لمحو آهي، مظلوم نياڻي کي آخرڪار انصاف ڏنو وڃي، جوابدار گرفتا?? ڪيا وڃن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير سيد محسن نقوي کي واقعي جو نوٽيس وٺي رض??انه کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي آهي، مظلوم نياڻي رض??انه کي انصاف ڏيارينداسين. هن چيو ته حڪومت هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي ته جيئن ڏوهارين کي قانون موجب سزا ملي. هن چيو ته ڪو به معاشرو اهڙو ظلم ڪندڙ ڌر کي برداشت نٿو ڪري سگهي. رض??انه کي ان حال ۾ پهچائيندڙن کي قانون موجب سخت سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته واقعو ٻارن سان پورهيو وٺڻ ۽ انهن سان وحشياڻي سل??ڪ جي انتهائي قابل شرم ۽ قابل مذمت مثال آهي، وفاقي وزير قوم کي رض??انه جي جلد صحتيابي جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته رض??انه کي جسماني ۽ ذهني صدمو پهتو ان جي ازالي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هن ٻارڙي کي انصاف ڏيڻ عدليه جي ساک لاءِ تمام وڏو امتحان آهي.