اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور جي احتساب ??دالت مان بريت تي شُڪرانا ادا ڪندي چي?? آهي ته بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ بيگناهي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي باهه ۾ سرندڙن کي دنيا ۾ ته جواب ملي ويو پر انهن کي آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ۾ ان ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته الحمدا??له لاهور جي احتساب ??دالت مني لانڊرنگ جي سياسي انتقام تي ٻڌل ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ اڄ مون کي ۽ حمزه شهباز کي بري ڪري ڇڏيو جنهن تي ا??له جو جيترو شڪر ادا ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. هن چي?? ته سياسي انتقام ۾ هي اهو ئي ڪيس آهي جنهن ۾ برطانيا جي عالمي ساک رکندڙ نيشنل ڪرائيم ايجنسي ٽن ملڪن ۾ 40 سال جو رڪارڊ ٻن سالن تائين ??نگ??ليو ۽ ڪجهه نه ملڻ تي اسان کي ڪلين چِٽ ڏني هئي. برطانيا جي ڊيلي ميل ۾ ڊيفيڊ جي فنڊز ۾ گهپلي جي ڪوڙي خبر ڄاڻي واڻي شايع ڪرائي وئي هئي پر ان ۾ به ا??له تعاليٰ اسان کي سرخرو ڪيو ۽ ڊيلي ميل کي معافي وٺڻي پئي. هي اهو ئي ڪيس هو جنهن ۾ ناحق مون کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، حمزه شهباز کي قيد ۾ رکيو ويو ۽ ڪورونا وبا دوران سخت بيمار هجڻ جي باوجود حمزه کي ڊاڪٽر وٽ به نه موڪليو ويو، ان جي معصوم ڌيءَ سان ملڻ تائين نه ڏنو ويو. ”واٽس ايپ“ احتساب، بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ بيگناهي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي باهه ۾ سرندڙن کي دنيا ۾ ته جواب ملي ويو پر انهن کي آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ۾ ان ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چي?? ته انتقامي انڌيرنگري جي ان ڪاري دور ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ، اسان جي بيگناهي تي اعتماد رکڻ ۽ هر جڳهه تي اسان جو حوصلو وڌائيندڙ محسنن، دوستن، وڪيلن ۽ عوام جا ٿورا مڃان ٿو.