اسل??م آباد – 19 – جولاءِ (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪش??ير??ن سان يڪجهتي ۽ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري کان گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام الحاق ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ رهندڙ ڪش??ير??ن سان پنهنجي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هي ڏينهن 1947ع ۾ سرينگر ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ آل ڄمون ۽ ڪشمير مسلم ڪانفرنس پاران هڪ قرارداد جي منظوري جي ياد ڏياري ٿو جنهن ۾ ڪشمير کي پاڪستان سان ضم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن چيو ته اسان ڪش??ير??ن تي ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪڏهن به پائيدار امن حاصل نه ڪري سگهبو ۽ ان جي حقيقي ترقي جي صلاحيت مان موقعو نه کڻي سگهبو.