اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي قوم پاران انهن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئ??رن سان ٽيليفون تي ڳالهه ??ولهه ڪندي ڪيو. هن شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر 9 جون تي ميران شاهه ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ??ولهه ڪ??ي. صدر صوبيدار اصغر، س??اه?? نسيم شهيد ۽ محمد زمان شهيد جي پونئ??رن سان ڳالهه ??ولهه ڪ??ي. صدر 31 مئي تي حيدر خيل ۾ شهيد ٿيندڙ س??اه?? ثاقب الرحمان جي وارثن سان پڻ ڳالهه ??ولهه ڪ??ي. صدر قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن ج?? بلندي لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن پونئ??رن سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.