مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي)سعودي ??ريس ايجنسي (ايس پي اي) چئن عالمي خابرو ايجنسين سان پنهنجي نوعيت جي پهرين شراڪتداري ذريعي ڪيترين ئي ٻولين ۾ هلندڙ سال حج سيزن 2023ع جي ڪوريج لاءِ تياريون مڪمل ڪيون آهن. پاڪستان، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ مصر جي خابرو ايجنسين سان ??راڪتداري ذريعي ميڊيا تي پيغام پهچايا ويندا ۽ ميڊيا مواد ۾ نيون ٻوليون استعمال ڪيون وينديون.انڊونيشيا، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي خابرو ايجنسين سان گڏوگڏ مڊل ايسٽ نيوز ايجنسي (ايم اي اين اي) سان ??راڪتداري جو مقصد انهن جي سرڪاري ويب سائيٽن ۽ انهن جي ميڊيا نيٽ ورڪ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن ذريعي اشاعت جي دائري کي وڌائڻ آهي، ??ها شراڪتداري ٻن مقدس مسجدن جي خدمت ۽ مقدس ه??ڌن تي رهائش ۽ چر پر جي حوالي سان ??دمتن جي بهتري لاءِ سعودي ??ملڪت طرفان ڪيل ڪوششن تي به روشني وجهندي. ان ??راڪت سان هر سال حج جي سڄي سيزن ۾ ايس پي اي طرفان فراهم ڪيل خبرن جي ڪوريج ۾ اضافو ٿيندو، ايس پي اي مڪي پاڪ ۽ ٻين مقدس ه??ڌن ۾ پنهنجي ميڊيا مرڪزن ذريعي پنهنجي عالمي شراڪتدارن کي ميڊيا خدمتون فراهم ڪندي. سعودي ??ريس ايجنسي پوري توانائي ۽ فني تيارين سان ڪوريج جي ڪوششن جي حمايت لاءِ هڪ گڏيل نيوز ايڊيٽنگ روم به قائم ڪيو آهي. اهي ڪوششون حج جي روحاني اجتماع کي اجاگر ڪرڻ ۽ اسلامي روايتن مطابق ميڊيا جي شاندار ڪم کي پيش ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. عالمي خابرو ايجنسين سان ??راڪتداري سعودي ??يادت طرفان ??اجين لاءِ مختلف ٽيڪنالاجيز جو استعمال ڪندي ??راهم ڪيل آسان ??ريقيڪار کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏنل آهي. سعودي حڪومت هڪ مربوط نظام ۽ طريقيڪار مطابق حاجين کي سهولتون فراهم ڪندي آهي. اها شراڪت عالمي خابرو ايجنسين کي ايس پي اي سان پنهنجي سهڪار ذريعي مواد ۽ پيغام جي حوالي سان هڪ نئون تجربو به فراهم ڪندي. ايس پي اي اهڙو قدم کڻڻ جي خواهشمند آهي جيڪو گڏيل ميڊيا ورڪ لاءِ هڪ معياري مرحلي جي نمائندگي ڪندو هجي. نئين ٻولين ۾ شراڪتداري ذريعي ميڊيا پيغام ڀاشا، اردو، پشتو، سنڌي، ??لوچي، ملائي، ??امل ۽ هسپانوي ٻولين ۾ اماڻيا ويندا. جنهن سان ??يس پي اي طرفان فراهم ڪيل خدمتن کي تقويت ملندي. جڏهن ته ايس پي اي ان کان ??ربي، ??نگريزي، فرانسيسي، ??وسي، چيني ۽ فارسي ميڊيا مواد پيش ڪري رهي آهي.