اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀ??و زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏا?? شروع ٿيڻ سان پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلاول ڀ??و زرداري چيو ته آفريقي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير ??لاول ڀ??و زرداري ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. پرڏيهي وزير ??يٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ??ان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير ??لاول ڀ??و زرداري گذريل رات ڪراچي ۾ پنهنجي ايٿوپين هم منصب سان گڏ ايٿوپين ايئرلائينز جي پاڪستان جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير ??لاول ڀ??و زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏا?? شروع ٿيڻ سان پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. هن چيو ته آفريقي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير ??لاول ڀ??و زرداري اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جو سفارتخانو قائم ڪرڻ جي به آجيان ڪئي. هن چيو ته سندس ناني ذوالفقار علي ڀٽو ايٿوپيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو کوليو هو.