اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) ايٿوپيا ??ي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير مسگانواريگا 9 کان 11 مئي تي هڪ وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو ??ور?? ڪندو. پرڏيهي افيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ س??ئنس ۽ واپار وارو مملڪتي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل هوندا. ??ور?? دوران اسلام آباد ۾ ايٿوپيا ??ي سفارتخاني جو افتتاح ۽ ايٿوپيا ??ي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جو افتتاح شامل آهي. ايٿوپيا ??ي پرڏيهي معاملن وارو وزير ۽ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا ??ي سفارتخاني جو افتتاح ڪندا. سنڌ جو وڏو وزير ۽ ايٿوپيا ??ي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير ايٿوپيا ??يئر لائينز جي سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جو افتتاح ڪندا. ??ور?? دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون جنهن ۾ واپار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به شامل آهي. اميد آهي ته ايٿوپيا ??ي وفد جي ??ور?? سان ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.