اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي، اس??ن کي ورثي ۾ تباهه ٿيل معيشت ۽ ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ مليو، ج??هن کي اس??ن بچايو، عمران خان چئن سالن ۾ ملڪي ساک داءُ تي لڳائي، ملڪي تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ قرض ورتا، آءِ ايم ايف جو پروگرام صحيح ڪري ان جي خلاف ورزي ڪئي، عمران خان جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، قومي احتساب بيورو القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار ڪيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ڪڏهن ائين ناهي ٿيو ته جسماني ريمانڊ تي موجود جوابدار کي ايڏو وڏو ريليف مليو هجي، عمران خان کان پڇاڳاڇا يا جاچ ڪئي وڃي ته تشدد تي لهي پوي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي نشرياتي اداري ”الجزيره“ کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪري اس??ن ڪو هدف حاصل نه ٿا ڪرڻ چاهيون، اس??ن کي ڪو هدف حاصل نه ڪرڻو هو، ان جي گرفتاري سان حڪومت جوڪو تعلق نه آهي، عمران خان کي قومي احتساب بيورو القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، نيب ان ڪي?? جي جاچ ڪري رهيو آهي ۽ نيب عمران خان کي ڪيترائي نوٽيسز جاري ڪيا پر عمران خان نيب جي ڪ??هن به نوٽيس جو جواب نه ڏنو. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو ج??هن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي گرفتاري کي قانوني قرار ڏنو هو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن ته عمران خان اقتدار ۾ هو ۽ اپوزيشن ان کان سوال پڇندي هئي ته هو ا??هن کي ڊيٿ سيل ۾ موڪلي ڇڏيندو هو. ميڊيا سوال پڇندي هئي ته ميڊيا جي ماڻهن کي جيل ۾ وڌو ويندو هو، آر ايس ايف جي رپورٽ ۾ عمران خان کي ميڊيا پريڊيٽر چيو ويو. هن چيو ته عمران خان ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو جي اعليٰ ترين عهدي تي فائز رهي چڪو هو، جڏهن هو مخالف ڌر ۾ آيو ته ان کان مختلف ڪرپشن ڪيسز بابت پڇاڳاڇا ڪئي ته هن تشدد جو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته ايف آءِ اي ۽ نيب ۾ مختلف ڪيسز جي جاچ جاري آهي ج??هن جو عمران خان کي جواب ڏيڻو آهي ۽ عمران خان جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهي، اهو سلسلو گذريل 14 مهينن کان جاري آهي. هن چيو ته عدالت عمران خان جا وارنٽ جاري ڪيا ته پوليس عدالتي وارنٽ کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ وئي ان وقت به عمران خان تشدد جو رستو اختيار ڪيو ۽ پنهنجي تحفظ جي لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي انساني ڍال طور اس??عمال ڪيو. هن چيو ته پوليس تي اتي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا، ان کانسواءِ عمران خان 25 مئي جي لانگ مارچ جي موقعي تي به پنهنجي ڪارڪنن کي ائين ئي تشدد تي اتساهيو هو، پليون ٽوڙيون، رياستي ۽ عوامي ملڪيتن ۽ ميٽرو اسٽيشنن تي حملا ڪيا، جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جوڊيشل ڪمپليڪس جو به دروازو دريءَ نه بچي هئي، ا??هن وٽ ڪلاشنڪوف ۽ پيٽرول بم هئا، عمران خان پاران اهڙي ڪڌي راند تسلسل سان جاري آهي، جڏهن به کانئس پڇاڳاڇا يا جاچ ڪئي وڃي ٿي ته هو تشدد تي لهي اچي ٿو ۽ پنهنجي ماڻهن کي تشدد تي اتساهيندو آهي. وفاقي وزير چيو ته نيب جڏهن عدالت جي اڱڻ مان عمران خان کي گرفتار ڪيو ته ٽي ڏي??هن ملڪ جي اندر جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري تي ڪو به سياسي ردعمل نه آيو ڇو ته سياسي ردعمل ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو ٻاهر نڪتا آهن پر سڀني ڏٺو ته مختلف جاين تي ماڻهن کي گڏ ڪري تشدد تي اتساهيو ويو ۽ پوءِ پي ٽي آءِ جي قيادت ان عمل جي نگراني به ڪندي رهي ته ڪيترا ماڻهو لاهور ۾ جناح هائوس، ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ ميٽرو جي پلين تي پهتا آهن. هن چيو ته حڪومت کي پنهنجي شهرين کي تحفظ ڏيڻو آهي، مريض کي بچائڻو آهي، پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن ايمبولينسن مان مريضن کي ٻاهر ڪڍي ايمبولينسن کي باهه هنئي، اسڪولن تي حملا ڪيا، اسپتالون ساڙيون، چوپائي مال منڊين کي ساڙيو، اهي رڪجڻ جو نالو نه وٺي رهيا هئا پر ان سڄي صورتحال ۾ حڪومت وڏي دانشمندي ۽ صبر تحمل جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته عمران خان ڪرپشن جي ڪيس ۾ جواب نه ڏنا هئا. هو جسماني ريمانڊ تي هو پر ان سڀ جي باوجود هو 48 ڪلاڪن ۾ جيل کان ٻاهر اچي ??يو?? ملڪ جي تاريخ ۾ اڄ تائين ائين نه ٿيو هو. هڪ سوال تي هن چيو ته حڪومت سڄي صورتحال ۾ سمجهداري سان ڪم ورتو، اس??ن کي خبر هئي ته هڪ شخص ماڻهن کي تشدد تي اتساهي رهيو آهي، ان جو مائنڊ سيٽ ئي اهڙو آهي. هن چيو ته رياست رڳو حڪومت نه آهي اها ايگزيڪيوٽو، عدليه ۽ پارليامينٽ آهي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪرڻ ا??هن ٽنهي ٿنڀن جي ذميواري آهي. عمران خان جي خلاف ڪيسن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 100 ڪيس عمران خان جي ڪوڙي ڀاشن آهي، ان جو سدائين اهو ئي بيانيو رهيو آهي. عمران خان جي خلاف منع ٿيل فنڊن??، توشه خانه، القادر ٽرسٽ ڪرپشن ۽ ٽيريان جا ڪيسز آهن، عمران خان ا??هن ڪيسن ۾ جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته عمران خان اهو تاثر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته حڪومت ان جي خلاف آهي ۽ ا??هن کي ڪ??هن سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي، جيڪڏهن سان کي ائين ڪرڻو هو ته اس??ن 14 مهينن تائين انتظار نه ڪريون ها، سائفر جي معاملي تي ج??هن کل جوڳي انداز ۾ عمران خان اڳتي وڌي رهيو هو، جيڪڏهن اس??ن چاهيون ها ته هو جيل جي اندر هجي ها، اس??ن وٽ حڪومت جي طاقت به هئي ۽ اختيار به هو، اس??ن ان کي گرفتار ڪري سگهياسين پئي پر اس??ن سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون، ان جي ابتڙ عمران خان پنهنجي دور ۾ ڪرپشن جي خلاف اختيارن جو ناجائز اس??عمال ڪيو. ملڪ ۾ چونڊن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي چوڻ تي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جون اسيمبليون تحليل ڪيون ويون پوءِ پرويز الاهي جيڪو ان جو وڏو وزير هو، ميڊيا تي واضح لفظن ۾ چيو ته هو ڪڏهن به پنجاب اسيمبلي تحليل نه پيو ڪرڻ چاهي. هن چيو ته عمران خان ان وقت اقتدار کان ٻاهر هو، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته چونڊون عمران خان جي وقت تي ٿين. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان آئين ۽ قانون موجود آهي، چونڊون ان وقت ٿينديون جڏهن اس??ن پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري وٺنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته عمران خان جي چار سال دور ۾ اس??ن تي جعلي ۽ بي بنياد ڪيسز ٺاهيا ويا، هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين اس??ن جا ڪيس نه ٻڌا ويندا هئا، پر ان جي ابتڙ عمران خان پنهنجي ڪ??هن به ڪيس ۾ عدالت نه ??يو?? جڏهن هو گرفتار ٿيو ته جسماني ريمانڊ تي هو ۽ هن جون سڀني ڪيسن ۾ ضمانتون نه ٿيون، دنيا ۾ ڪٿي به ائين نه ٿو ٿئي. معاشي صورتحال جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي چئن سالن ۾ معيشت سان جيڪو کلواڙ ٿيو ان جو مثال نه ٿو ملي. جڏهن 2018ع ۾ اس??ن حڪومت ۾ هئاسين ته ان وقت جي ڊي پي 6 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي هئي، ملڪ ۾ تاريخ جي سڀ کان گهٽ ترين مهانگائي 2.6 سيڪڙو هئي، آءِ ايم ايف جو پروگرام 2015ع ۾ مڪمل ڪري ورتو هو. سي پيڪ هلي رهيو هو، روزگار هو، ترقي ٿي رهي هئي، اسڪول تعمير ٿي رهيا هئا، يونيورسٽيون ٺهي رهيون هيون، پرڏيهي پاليسي زبردست هئي، سي پيڪ عروج تي هو، پاڙيسري ملڪ ۽ علائقائي ملڪن سان ڪيترائي منصوبا هلي رهيا هئا ۽ جڏهن عمران خان جو دور شروع ٿيو ته عمران خان چئن سالن ۾ معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، هن تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض ورتو. هن چيو ته عمران خان سان اس??ن کي ورثي ۾ تاريخ جي بلند ترين مهانگائي ملي، اس??ن کي ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ مليو، ج??هن کي اس??ن بچايو. عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ پوءِ ان جي خلاف ورزي ڪئي، جڏهن اس??ن اقتدار ۾ آياسين ته آءِ ايم ايف جو پروگرام معطل هو، ان تي اس??ن ٻيهر ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي، عمران خان ملڪ جي ساک داءُ تي لڳائي ڇڏي هئي، اس??ن کي عمران خان جي معاشي تباهي ورثي ۾ ملي.