اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي سعيد احمد ??يخ جي نيشنل پريس ٽرسٽ جي چيئرمين جي عهدي تي مقرري جي منظ??ري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر سعيد احمد ??يخ کي وقتي طور تي نيشنل پريس ٽرسٽ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سعيد احمد ??يخ نيشنل پريس ٽرسٽ جي چيئرمين جي باقاعده طور تي مقرري تائين خدمتون سرانجام ڏيندو. صدر اڳوڻي چيئرمين منير احمد ??ان کي نااهلي ۽ عوامي فنڊز ۾ بي ضابطگين تي عهدي تان هٽائڻ جي پڻ منظ??ري ڏني آهي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي نيشنل پريس ٽرسٽ جي چيئرمين جي عهدي لاءِ ايم پي ون اسڪيل جي پڻ منظ??ري ڏني. صدر اهي منظوريون نيشنل پريس ٽرسٽ (چيئرمين جي مقرري) ا??ڪٽ 1972ع تحت ڏني آهي.