اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس م??تس?? جي خدمتن جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٽيڪس معاملن ۾ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري انصاف جي فراهمي ۾ م??تس?? جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي آهي. هو وفاقي ٽيڪس م??تس?? سال 2022ع جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفاقي ٽيڪس م??تس?? ڊاڪٽر آصف م??مود جاهه صدر کي سال 2022ع جي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف ٽي او کي سال 2022ع دوران 7000 شڪايتون مليون، 2021ع ۾ 2816 شڪايتون مليون، سال 2022ع دوران 7000 مان 6500 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو، ٽيڪس م??تس?? 7 ارب رپين جي ريفنڊ ڪليمز جي رقم ايف بي آر کان ٽيڪس ڏيندڙن کي ادا ڪرائي. ايف ٽي او جي 78 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ٿي چڪو، روزاني جي بنياد تي فيصلن تي عملدرآمد جي نگراني ڪئي پئي وڃي، وفاقي ٽيڪسن بابت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايف ٽي او سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اوورسيز پاڪستانيز شڪايت ازالو سيل قائم ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪسٽمز/ ٽيڪس بابت سموريون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ سهولت ڊيڪس پڻ قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته مختلف چ??مبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٻين واپاري ادارن جي اعزازي ڪوآرڊينيٽرز کي هيڊڪوارٽر ۽ علائقائي آفيسن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. سال 2022ع دوران 88 کان وڌيڪ آگاهي سيشنز ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ وفاقي ٽيڪس م??تس?? جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ هڪ رابطه مهم هلائي وئي. صدر وفاقي ٽيڪس م??تس?? پاران پهچ وڌائڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي ريليف پهچائڻ تي اداري جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.