اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي اسپن وام اتر وزيرستان ۾ حملي جي شهيدن ??ي پونيئرن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ انهن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر ??ي پريس ونگ موجب صدر 26 فيبروري تي اتر وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندڙ سپاهي افضل خان جي والد ۽ سپاهي عمران الله جي ڀاءُ سان فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن شهيدن ک?? انهن جي بهادر ۽ قوم جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر سڄي قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿ??را به مڃيا.