اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سپريم ڪو??ٽ بار جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عبدالطيف آفريدي مظلومن جو مضبوط آواز هو، هو حق ڳالهائيندڙ ۽ سچو انسان هو، ان جي ??ي رحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چ??و ته خيبرپختونخواهه ۾ بار روم جي اندر اهڙي قسم جي ??ي رحماڻي ڪارروائي امن ا??ان جي سنگين صورتحال جو مظهر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عبدالطيف آفريدي جي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.