اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ملڪي معاشي صورتحال جي حوالي سان ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ گ??دش ڪندڙ ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط کي بي بنياد ۽ جعلي قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وزارت جي ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط جعلي آهي. ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوني قدم آهي پر اهو قو??ي نقصان جو ب?? سبب آهي. غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ هر هڪ جي ذميواري آهي. واضح رهي ته جعلي خط ۾ ??رڪ??ري ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين سهولتن ۾ گهٽتائي جو ذڪر آهي.