اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف ??لو?? چيو آهي ته اها اسان جي گڏيل اخلاقي ۽ سماجي ذميواري ??هي ته اسان خصوصي ماڻهن جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻون، معاشري ۾ انهن جي خلاف امتيازي سلوڪ جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئي) جي دوري ??وران ڪ??و، جتي هن پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خصوصي ماڻهن جي پهچ کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن ان سلسلي ۾ موجوده قانونن تي مڪمل طور تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان حوالي سان موجوده خال کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن هڪ اهڙي جامع معاشري ??ي جوڙجڪ کي يقيني بڻائي سگهجي جتي خصوصي ماڻهن کي ترقي جا موقع?? حاصل ٿي سگهن. هن چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري ??و هڪ اهم طبقو آهن ۽ اهڙا ڪيترائي مثال آهن جن ۾ خصوصي ماڻهن پنهنجي معذوري کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري ??هيا آهن. هن ڪراچي چيمبر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ مالي شموليت ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. بيگم ثمينه عارف ??لو?? ڪي سي سي آئي جي اهم ميمبرن سان گڏوگڏ اهم ڪاروباري ??خصيتن، مقامي اين جي او?? جي نمائندن ۽ ٻين مختلف ڌرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران معذور ماڻهن جي ماليت شموليت جي راهه ۾ ايندڙ مختلف رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.