اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ افغانستان جي ناظم الامور کي ??رڏ??هي آفيس ۾ طلب ڪ??و ويو ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي جي واقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. پاڪستان واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چي?? ته ڪابل ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي حملو ڪيو ويو، حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿيو آهي. ترجمان چي?? ته افغان ناظم الامور کي ??رڏ??هي آفيس ۾ طلب ڪ??و ويو ۽ فائرنگ جي واقعي تي سخت احتجاج ڪندي افسوسناڪ واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان چي?? ته افغان عملدارن سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي اهي، واقعي کانپوءِ ڪابل ۾ سفارتخاني جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻايو ويو آهي. ترجمان چي?? ته پاڪستاني سفارتخانو بند ڪرڻ يا عملو واپس گهرائڻ جي خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستان سميت ٻين سفارتي مشنز جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ترجمان چي?? ته افغان عبوري حڪومت جي ??رڏ??هي وزير اسان جي ناظم الامور سان ڳالهه ڪئي آهي، افغان ??رڏ??هي وزير ذميوارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.