اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڪوپ 27 تاريخي ڪانفرنس هئي جنهن ۾ ٽن ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آهي، اهو فنڊ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ??دد??ار ثابت ٿيندو، فنڊ جي قيام سان عالمي اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ واپاري خساري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس جي حوالي سان ??نعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر چيوته پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪوپ 27 ۾ ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي قيام جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان چيو ته ڪوپ 27 ۾ ڪامياب سفارتڪاري تي سمورين ڌرين جا ٿورا مڃون ٿا، وزيراعظم جي قياد?? ۽ ??هنمائي ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان ??اڪستان کي تمام گهڻو نقصان ??يو آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن جو شڪار ملڪ ترقي يافته ملڪن کان تعاون چاهين ٿا. ان ??وقعي تي ان ??وقعي تي شرڪت ڪندڙن کي موسمياتي تبديلي واري وزارت پاران ??اڪستان ۾ ٻوڏ سان ??يندڙ تباهين، امدادي سرگرمين، وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.