اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، اهم مقرري تي مشاورت جي راءِ ڏئي ڪو غلط ناهي ڪيو، وفاقي وزيرن به مشاورت جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان حوالي ??ان مثال به موجود آهن، ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۽ معاشي ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته سموريون ڌريون گڏجي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪن، اميد آهي ڳالهين ??ان معاملن ۾ بهتري ايندي. نجي ٽي وي چينل آج نيوز جي پروگرام ”روبرو“ ۾ خصوصي انٽرويو ڏيند?? ص??ر چيو ته ايندڙ سال 11 آگسٽ تي موجوده اسيمبلي مدو مڪمل ٿيڻ تي پاڻ ئي تح??يل ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ ٻن مهينن جي اندر چونڊون ٿينديون ۽ جيڪڏهن اڄ به اعلان ٿئي ته نيون چونڊون ڪرائڻ ۾ 3 مهينا لڳي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهم مقرري تي مشاورت جي راءِ ڏيڻ ڪو غيرآئيني قدم نه هو، وفاقي وزيرن به ان معاملي تي مشاورت جي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته مشاورت جي حوالي ??ان اڳ ۾ به مثال موجود آهي. پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت عارف علوي چيو ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، هاڻي اتحادي حڪومت تي آهي ته عدم استحڪام کي وڌيڪ وڌائڻو آهي يا نه، آئون چاهيان ٿ?? ته ان معاملي کي گڏجي ويهي حل ڪيو وڃي. صدر چيو ته ا??ان کي دنيا کي معيشت جي حوالي ??ان استحڪام ڏيکارڻو آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ??ان ڪيل واعدا به ملڪ ۾ استحڪام جي صورت ۾ ئي پورا ٿيندا، انهي لاءِ ملڪ جي لاءِ ضروري آهي ته سڀئي گڏجي ويهي ڳالهه ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان حڪومت ??ان نه ٿو ويهڻ چاهي ته ان جا ساٿي ته ويهي سگهن ٿا، مون کي تعجب آهي ان ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي، سياست جي ڪري معيشت ۽ ماڻهن کي نقصان ٿي سگهي ٿو. صدر وڌيڪ چيو ته ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿين ۽ مون کي اميد آهي ان ??ان حالتن ۾ بهتري ايندي. پاڪستان جي ائٽمي اثاثن بابت آمريڪ?? ص??ر جي بيان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار جوهري ملڪ آهي، پاڪستان جي ائٽمي اثاثن جو ڪنٽرول ۽ مئنيجمينٽ سسٽم بهترين آهي ۽ ائٽمي توانائي جو عالمي ادارو به ان جي توثيق ڪري چڪو آهي.