اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثري?? سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي 24 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ فلڊ ريليف وليج جا 100 گه?? تيار ڪيا ويا. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان منزيز گلوبل ايوي ايشن جي سي اي او فلپ جوئيننگ ملاقات ڪئي جنه?? ۾ ??ن رڪارڊ مدي ۾ 100 گهرن جي تعمي?? تي فلپ جوئيننگ جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته وزيراعظم 2 سيپٽمب?? تي ٽانڪ جي دوري دوران 100 گهرن جي تعمير جو واعدو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ 3 سيپٽمب?? تي جڳهه جي چونڊ ڪئي وئي ۽ 7 سيپٽمب?? تي ٻنهي جاين جي سروي مڪمل ڪري 11 سيپٽمب?? تي تعمير شروع ڪئي وئي. ٽانڪ ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انهن گهرن کي رڪارڊ مدي 24 ڏينهن ۾ تعمير ڪيو ويو. گهرن جي تعمير کانسواءِ وليج ۾ سولر سسٽم جي سهولت سان ليس اسڪول، ڪلينڪ ۽ ٽيوب ويل پڻ قائم ڪيا ويا آهن. اهي گهر سخت موسمي حالتن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا جڏهن ته انهن جي تعمير ۾ جديد تعميراتي مٽيريل ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي، وليج ۾ قائم ڪيل اسڪول ڪمپيوٽرز سميت جديد سهولت?? سان ليس آهي جڏهن ته ا?? ۾ ??ائم ڪلينڪ جي ذريعي مقامي آبادي کي صحت ۽ علاج جون سهولتون دستياب هونديون. گهرن جو نقشو ملڪ جي ناليواري آرڪيٽيڪٽ علي نقوي تيار ڪيو. ان بستيءَ جي ڀرپاسي 9000 مقامي وڻن جي وڻڪاري پڻ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم گهرن جي تعمي?? تي ڪمپني جي سي اي او کي شاباس ڏيندي ان جي جذبي کي ساراهيو ۽ چيو ته 100 گهرن جي تعمير ٻوڏ متاثرين جي آبادڪاري ۾ اهم قدم ثابت ٿيندي. واضح رهي ته ان گروپ 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ ۾ مٺن ڪوٽ، راجن پور ۾ 270 گهر تعمير ڪيا هئا جڏهن ته اهو گروپ پاڪستا?? ۾ ??وابازي جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ اسڪئينگ ري??ارٽ ٺاهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.