اسلام آباد ?? 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته عالمي اقتصادي بحران جي ڏس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ??ڌي?? تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ازبڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي سالياني اجلاس جي لاءِ ر??انو ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظي?? دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي جي خواهشن ۽ امنگن جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي. عالمي اقتصادي بحران جي گهرج آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ??ڌي?? تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو ته پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل ”شنگهائي اسپرٽ“ جي عزم کي ورجائي ٿو. وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جيو پوليٽيڪل ۽ جيو اڪنامڪ جي شعبن ۾ ٿيندڙ پريشان ڪندڙ تبديلين جي دور ۾ اڳتي وڌڻ جو رستو متعين ڪري سگهي ٿي.