اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ واري پاڻي بلوچستان، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن جي ??تيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. ٻوڏ متاثرن کي فوري خوراڪ، طبي ام??اد ?? خشڪ راشن جي سخت ضرورت آهي،. پاڪ فصائيه ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ريسڪيو ۽ رليف جي عمل ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي رهي آهي. پاڪ فضائيه جا هيلي ڪاپٽر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ سان گڏوگڏ خوراڪ ۽ طبي سامان پهچائڻ ۾ به سرگرم عمل آهن. مسلسل خوراڪ ۽ طبي ام??اد فراهم ڪرڻ لاءِ فلڊ رليف ڪيمپ ۽ سيف ٽينٽ سينٽر قائم ڪيا ويا آ??ن. پاڪ فضائيه جي تر??مان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ??يمن 26125 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 1000 پاڻي جون بوتلون، بنيادي کاڌي پتي جي شين تي ٻڌل 2475 خشڪ راشن جا پيڪٽ ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايا آ??ن ان سان گڏ 1437 خيما لڳايا ويا آ??ن جيڪي 11720 ماڻهن کي ام??اد فراهم ڪري رهيا آ??ن، جڏهن ته مفت خوراڪ ۽ رهائش کانسواءِ پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 2810 مريضن جو طبي معائنو به ڪيو.