ڪراچي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جو سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رليف اينڊ ريس??يو آپريشن جاري آهي. جاري پڌرائي موجب پاڪ بحريه جا جوان سنڌ جي مختلف ??لائقن سانگهڙ، ميهڙ، سلطان ڪوٽ، شاهه بندر، دولت پور، چوهڙ جمالي، سجاول ۽ ٺٽي ۾ امدادي ڪارروين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. پاڪ بحريه سنڌ سان گڏوگڏ امدادي ڪارروائين جو دائرو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ٻوڏ سٽيل علائقن تائين وڌائي ڇڏيو آهي?? پاڪ بحريه جا جوان ٻيڙين ۽ هيلي ڪاپٽرن ذريعي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري رهيا آهن. پاڪ بحريه طرفان متاثرن ۾ راشن بيگ، تيار کاڌو، صاف پاڻي ۽ ٻيون ضروري شيون ورهايون پيون وڃن. پاڪ بحريه طرفان راجن پور، سانگهڙ ۽ ڊي آءِ خان ۾ ميڊ??ڪل ڪيمپس کانسواءِ مختلف ??لائقن ۾ موبائيل ميڊ??ڪل ٽيمون به ڪم ڪري رهيون آهن?? پاڪ بحريه جي جوان?? ڊيره اسماعيل خان ۾ چشمه روڊ جي عارضي مرمت کانپوءِ ان کي عام ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏيو آهي.