اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي ميڊيا سيمينار کي م??اف??ت قرار ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا دشمن ڪهڙي منهن سان ميڊيا سيمينار ڪرائي رهيو آهي، ان کي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان ميڊيا جو معاشي قتل ڪ??ڻ وارو ڏوهاري آهي، سي پي اين اي، انٽرنيشنل ميڊيا واچ ۽ رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز جي رپورٽس عمران خان جي ميڊيا دشمني جي گواهي آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جو دور ميڊيا جي لاءِ ڪارو ترين دور هو، عمران خان وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويهي ميڊيا دشمني ڪئي، هو ڪوڙو، ڪرپٽ، فارن ايجنٽ، ميڊيا دشمن ۽ م??اف?? آهي، ميڊيا کي فيص??و ڪرڻو آهي ته ميڊيا جي خلاف نيب کي استعمال ڪ??ڻ واري جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي يا نه. هن چيو ته ميڊيا کي فيص??و ڪرڻو پوندو ته پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جي باني جي ميڊيا سيمينار ۾ وڃڻو آهي يا نه. هن چيو ته چ??ر سال ميڊيا جو قتل ڪ??ڻ وارو ميڊيا سيمينار ڪرڻ جو تماشو نه ڪري. عمران خان ميڊيا کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ مير شڪيل الرحمان جي خلاف نيب گردي ڪئي. هن چيو ته پي ايف يو جي، سي پي اين اي ۽ پي بي اي کي فيص??و ڪرڻو پوندو ته ميڊيا کي ڪمزور ڪرڻ واري جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي يا نه. هن چيو ته ميڊيا کي فيص??و ڪرڻو پوندو ته صحافت جو قتل، صحافين کي گوليون هڻندڙ، ميڊيا جي زبان بندي ڪرڻ واري ميڊيا سيمينار ۾ وڃڻو آهي ته يا نه. هن چيو ته ميڊيا کي فيص??و ڪرڻو پوندو ته جنهن کي عالمي ادارن ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو آهي، ان جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي ته يا نه. هن چيو ته ميڊيا کي فيص??و ڪرڻو پوندو ته انهن جي آزادي ۽ نوڪري کسڻ واري جي سيمينار جي تماشي کي مڃڻو آهي يا نه. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سي پي اين اي جي 2020ع، انٽرنيشنل ميڊيا واچ ۽ رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز (آر ايس ايف 2021ع) جي رپورٽس عمران خان جي ميڊيا دشمني جي گواهي آهن. عمران خان چ??ر سال وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويهي ميڊيا دشمني ڪندو رهيو، انٽرنيشنل ميڊيا واچ عمران خان کي فاشسٽ قرار ڏنو آهي، عمران خان چ??ر سالن ۾ صحافين جون پسليون ٽوڙيون، انهن کي اغوا ڪيو، ميڊيا جي آزادي کي ڪچ??يو، پارليامينٽ کي تالا لڳرايا، عمران خان ميڊيا کي نيب جي ذريعي ڪنٽرول ڪيو ۽ ميڊيا ورڪرز کي بيروزگار ڪيو. هن چيو ته ميديا کي فيص??و ڪرڻو پوندو ته صحافين کان قلم کسڻ واري، اسڪرين تان غائب ڪرڻ واري، نوڪري کسڻ واري جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي يا نه.