اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامن و??لٿ گيمز ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي ارشد نديم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته جيولن ٿرو مقابلي ۾ پاڪستاني رانديگر ارشد نديم پنهنجو پهريون گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، جنهن تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، جيولن ٿرو ۾ تاري?? لکندي گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي ارشد نديم مبارڪباد جو م??تحق آهي. قوم کي توهان تي فخر آهي.