اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته وز??راعظم اڄ اڱاري ڏينهن ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي مشاورت جي حوالي سان پري بجيٽ سيمينار کي اهم خطاب ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته وز??راعظم شهباز شريف پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ويزن جي تعبير جي لاءِ پري بجيٽ ڪانفرنس ۾ ش??ڪت ڪندو. هن چيو ته وز??راعظم جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر خطه ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي، شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر اچن، انهن کي زندگي جي تلخين مان ڇوٽڪارو ملي ۽ هڪ بهتر زندگي ملي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وز??راعظم پاڪستان کي درپيش معاشي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري قدمن تي خيان جي ڏي وٺ ڪندو. وز??راعظم مالي سال 23 – 2022ع جي بجيٽ لاءِ تجويزون حاصل ڪندو. هن چيو ته وز??راعظم زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن جي ڪاروباري شخصيتن سان چارٽر آف اڪانومي جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وز??راعظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويز وٺندو ۽ انهن کي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو.