اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان حضور اڪرم ﷺ جي باري ۾ ڀارت جي حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي جي ??ن سينئر عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو آهي. پرڏيهي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو ته اهي ريمارڪس مڪمل طور تي ناقابل قبول آهن ۽ ان سان نه رڳو پاڪستاني عوام پر سڄي دنيا جي ??سلمانن جي جذبن کي ڌڪ لڳو آهي، ڀارتي سفارتڪار کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان بي جي ??ي حڪومت پاران ڄاڻايل عهديدارن جي تاخيري ۽ بي ڪار قانوني ڪارروائي جي ??دمن تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو جنهن سان مسلمانن جي درد کي گهٽ نٿو ڪري گسهجي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف فرقيواراڻي تشدد ۽ نفرت ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي گهري ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ مسلمانن کي منظم طريقي سان بدنام ڪيو پيو وڃي، کيس پوئتي رکيو پيو وڃي ۽ کين بنياد پرست هندو هجوم جي ??نظم حملي جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن ۾ انتهاپسندن کي ڀارت جي ??ختلف رياستن جي سيڪيورٽي ادارن جي ??ڪمل حمايت حاصل آهي، ترجمان چيو ته ڀارت ۾ مسلمان مخالف جذبن جو وڌڻ ۽ مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ سان گڏوگڏ فضول تاريخي دعوائن جو حوالو ڏئي مسلمانن کي انهن جي صديون پراڻي عبادتگاهن کان محروم ڪرڻ جي ??ڌندڙ ڪوششون ڀارتي معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي ??اضح نتيجن کانسواءِ ڪجهه نه آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان بي جي ??ي جي ??يادت ۽ ڀارتي حڪومت تي پرزور مطالبو ڪري ٿو ته هو بي جي ??ي جي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي ??اضح طور تي مذمت ڪري ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته انهن جي خلاف فيصلائي ۽ قابل عمل ڪارروائي جي ذريعي انهن کان جوابدهي ڪئي وڃي، ڀارتي حڪومت کي عالمي قانونن تحت پنهنجي ذميدارين جي باري ۾ به ياد ڏياريندي چيو ويو ته هو اقل??تن کي انساني حقن جي خلاف ورزين کان بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻي، انهن جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي ۽ کين امن سان پنهنج?? عقيدن تي هلڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏن?? وڃي، پاڪستان عالمي برادري ??اص طور تي گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارت ۾ خطرناڪ حد تائين وڌندڙ ”هندوتوا“ سبب متاثر اسلامو فوبيا جو نوٽيس وٺي ان کي روڪي ۽ ڀارت ۾ اقل??تن جي خلاف انساني حقن جي ??نظم خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڀارتي عملدارن تي دٻاءُ وجهي.