اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بلوچستان صوبي جي علائقي شيراني ۾ ٻيلن ۾ لڳل باهه بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آه?? جنهن ۾ متاثر علائقي ۾ جاري آپريشن بابت تفصيل شامل آه??. گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي باهه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ ان حوالي سان رپورٽ طلب ڪئي هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري ڪيل تفصيل موجب وفاقي ۽ صوبائي کاتن ??ي ٻڌل ٽيم جو قيام عمل ۾ آندو ويو آه??، ان سان گڏو??ڏ ٻيلي کا??ي ۽ جنگلي حيات صورتحال تي نظر رکڻ جي لاءِ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آه?? جڏهن ته زوب جي ڪمشنر متاثر علائقي ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آه??. وزيراعظم وٽ جمع رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آه?? ته چيف سيڪريٽري بلوچستان، ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري ۽ پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل متاثر علائقي جو دورو ڪيو آه??، مختلف ٽيمن جا 300 اهلڪار شير گلي، زرغون زاور، تور ڳڙهه ۽ نڪئي جي علائقن ۾ باهه وسائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آه??. وزيراعظم جي خصوصي نمائندي ۽ وفاقي وزير مولانا عبدالواسع زوب ۾ هڪ اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي جنهن ۾ وڏي وزير، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن ۽ ٻارهين ڪور جي ڪمانڊر پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ??دا??تن ??ي روشني ۾ ضلعي شيراني ۾ ٻيلي کا??ي ۽ جنگلي حيات جي سيڪريٽري جي قيادت ۾ ٽاسڪ فورس جو عمل قيام ۾ آندو ويو آه??، ان کانسواءِ ويليج اينڊ ايريا فائير ڪنٽرول ڪميٽين جي قيام لاءِ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آه??. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آه?? ته باهه جي ڦهلاءُ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پي ڊي ايم اي باهه وسائيندڙ اوزار ۽ ريسڪيو گاڏيون فراهم ڪري رهي آه??. ان سان گڏوگڏ اين ڊي ايم اي پڻ ضروري اوزار فراهم ڪري رهي آه??، پاڪ فوج جاري آپريشن جي لاءِ ٻه هيلي ڪاپٽر ڏنا آه?? جڏهن ته آرمي بيس ڪئمپ جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو آه??.