اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف کي بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ٽيليفون ڪيو ۽ وزي??اع??م جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزي??اع??م ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزي??اع??م نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جو ٿورو اد?? ڪيو. هن پاڪستان جي بحرين سان پنهنجي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ گهري اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪ??مت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بحرين پاران عالمي وبا جي خلاف ڪامياب قدمن کي ساراهيندي وزي??اع??م محمد شهباز شريف بحريني قيادت پاران پرڏيهي پاڪستانين جي سارسنڀال لاءِ کنيل قدمن تي بحريني قيادت جو ٿورو اد?? ڪيو. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد نرسنگ يونيورسٽي ۽ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي به آجيان ??ئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جو چٽو ??بوت آهي. وزي??اع??م وڌيڪ چيو ته هو شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي، بحرين ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستاني رهندڙ آهن ۽ پاڪستان ۽ بحرين جا لاڳاپا گڏيل مذهب ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، ٻئي ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن، 2021ع ۾ پاڪستان ۽ بحرين ۾ وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيا آهن.